شرڌانند باغ سکر

شرڌانند باغ سکر: سکر ۾ ليوڪس پارڪ جي اتر ۾ ميونسپل باغ آهي. هن باغ جو اصل نالو منگل باغ هو. هن باغ جو نالو بعد ۾ بدلائي ‘شرڌانند باغ’ رکيو ويو. شرڌاند عوام جو هڏ ڏوکي ۽ سماج سڌارڪ انسان هو، جنهن عام ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪافي پاڻ پتوڙيو. شرڌانند، شڌي ۽ سنگهٽن تحريڪن جو باني هو. شرڌانند کي دهليءَ ۾ عبدالرشيد نالي شخص قتل ڪيو، جنهن جي يادگار لاءِ سکر جي هندن منگل باغ تي ‘شرڌانند باغ’ نالو رکيو ويو. ورهاڱي کانپوءِ مسلمانن شرڌانند باغ تي ‘غازي عبدالرشيد باغ’ نالو رکيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو